مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زي????عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير ??ڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي نگران ??زي????عظ?? آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران ??زي????عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زي????عظ?? چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??انونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران ??زي????عظ?? چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير ??سئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. ??ن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران ??زي????عظ?? پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي ??زي????عظ?? ۽ اسپيڪر نگران ??زي????عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير ??ڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران ??زي????عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير ??ڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.