اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق تي ڪو ٺاهه نه ڪندي، پاڪستان جي عوام ڪالهه به ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل هو، اڄ به بيٺل آهي. اها ڳالهه هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪ??مير پراڻو مسئلو آهي، ڪشمير جي ما??هن 1931ع ۾ پنهنجي غلامي جي خلاف آواز بلند ڪ??و هو، پاڪستان قائم ٿيڻ وقت به ڪشميري قيادت خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪ??و هو. هن چيو ته ڀارت جبري الحاق ڪري ڪشمير کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو، ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪشميرين جي چوٿين نسل به ڄمي بيٺل آهي، ڪشميرين جي هر نسل پنهنجي بهادري جو هڪ نئون داستان لکيو آهي. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڀارت ڪشمير کي قبرستان بڻائي ڇڏي ۽ سمجهي ته امن ٿي ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪ??مير جا ما??هو مسلسل پنهنجي حق جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشميري عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق ۽ آزادي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ڪالهه به ڪشميرين سان گڏ بيٺل هئي ۽ اڄ به بيٺل آهي ۽ جيستائين انهن کي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي ان وقت تائين بيٺل رهندي. ان کان اڳ ريلي جي شروعات پرڏيهي آفيس کان ٿي جيڪا ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. ريلي جي قيادت ثقافت واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه ڪئي جڏهن ته مذهبي معاملن وارو نگران وفاقي وزير انيق احمد، نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ۽ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي به ريلي ۾ شريڪ ٿيا. ريلي ۾ مختلف وزارتن جي ملازمن، پاڪستان سوئيٽ هومز جي ٻارن سميت ما??هن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن والاريل ڪ??مير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي پائمالين ۽ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا جڏهن ته شرڪت ڪندڙن والاريل ڪ??مير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي شديد لفظ?? ۾ ??ذمت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن ”ڪشمير ٺهندو پاڪستان“ جا نعرا هنيا. پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ پهچڻ تي سائرن وڄايا ويا ۽ والاريل ڪ??مير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ريلي جي شرڪت ڪندڙن هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.