اسلام ??باد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو ا??هار ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ?? عوام ??ان يڪجهتي جو ا??هار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان بابت ڄاڻي تمام گهڻو ڏک ٿيو، پاڪستان ان ڪڌي فعل جي مذمت ۽ ايران سان يڪجهتي جو ا??هار ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جا جذبا ۽ دعائون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ?? عوام ??ان گڏ آهن.