مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب م??عق?? ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج عقيدت ??يش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فو?? ۽ ??ٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ۽ پيرا ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج عقيدت ??يش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب م??عق?? ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج عقيدت ??يش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول س??سا??ٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آهي.