راولپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسند??ڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. هو اسٽرائيڪ ڪور جي ڪور سطح جي اجتماعي تربيتي مشق جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارح??ڻي آپريشنل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽي-4 ٽي??ڪن سان ليس آرمڊ فارميشن جي قي??دت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو. جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ حصو وٺندڙ ف??جي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، عملي ڪارڪردگي ۽ پيشيوار??ڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڊگهي مدي وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان ??دل??ندڙ خطرن جي ماحول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن رات جي آپريشنز ۾ حاصل مهارت جي به واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي. ان کان اڳ آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪور آرمي چيف جو استقبال ڪيو.