اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ تي متفق آهن، ان ?? ڪو شڪ نه آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، اتفاق راءِ سان چونڊ تاريخ تي سپريم ڪورٽ کي ساراهيون ٿا، ڪنهن پارٽي جو نه هر پاڪستاني جو ترجمان آهيان، دنيا پناهگيرن جو بار ونڊڻ ۾ پاڪستان جي مدد نه ڪئي، غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي ??حريڪ کان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، فلسطين جو مسئلو رڳو ٻه رياستي منصوبو آهي، غزه ۾ ٿيندڙ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي ??اموشي افسوسناڪ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظها?? وائيس آف آمريڪا کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر چيو ته غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، معيشت هاڻي پناهگيرن جو بار کڻڻ جي ??گهه نٿي رکي. هن چيو ته افغان طالبان دراندازي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا، خاطري جي ??اوجود ٽي ٽي پي جي ??لاف قدم نه کنيا ويا، افغان طالبان کي ثبوت به ڏنا ويا، ڪابل سان رابطي جي کوٽ نه آهي، طالبان عملي قدم کڻن. صدر چيو ته پاڪستان غزه جي ??ورتحال تي عالمي فورمز تي پنهنجي موقف جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو آهي، فلسطين مسئلي جو حل رڳو ٻه رياستي منصوبو آهي، غزه ۾ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي ??اموشي افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر جو آئيني مدو مڪمل ڪرڻ استحڪام جي ??لامت آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته نواز شريف وزيراعظم چونڊجي ??يو ته حلف جي گهرج پوري ڪندس، سياستدان ?? انتظاميا سميت سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ??ميواري آهي، حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ جي ??اطري ڪرائي آهي. صدر چيو ته صدر وٽ انتظامي اختيار نه آهن، اميدون پنهنجي ??ڳهه تي پر ڪو اهڙو قدم نٿو کڻي سگهان جنهن جي ??ئين اجازت نه ڏي، جتي به مسئلا ڏسندس ان جي نشاندهي ڪندو رهندس. هن چيو ته چونڊن جي ??اريخ تي ڪا ڪوتاهي ناهي ٿي. صدر هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ چيو ته عمران خان جي چونڊن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، بحيثيت صدر عدليه تي اعتماد رکان ٿو. صدر چيو ته 9 مئي جي مذمت ڪري چڪو آهيان، تشدد جي ??ياست تي يقين نٿو رکان. هن چيو ته عام شهرين جي فوجي ??دالت ۾ ڪيسن جو معاملو عدالت ۾ آهي، 9 مئي ڪيسن جي فوجي ??دالتن ۾ ٻڌڻي تي وقت کان اڳ راءِ جو اظهار نٿو ڪرڻ چاهيان.