اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وز??راعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگران وز??راعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري ر??ي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلا?? ۾ ??لسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري ر??ڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طو?? تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين تي ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طو?? تي ر??ندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآمد شر??ع ٿي ويو آهي. پاڪستان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طو?? تي ر??ندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.