بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي جي ملاقات ٿي. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر رانيل وڪرما سنگهي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجود مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ هم آهنگي کي خوش آئنده قرار ڏنو. نگران وزيرا??ظم خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو. نگران وزيرا??ظم امن ۽ استحڪام ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا کي درپيش هڪ جهڙن معاشي چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا عملدار ان حوالي سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندا جنهن ۾ خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري سرفهرست آهي. سريلنڪا جي صدر نگران وزيرا??ظم جا پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران سريلنڪا جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي فر??غ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري طور تي اسرائيلي جارحيت جي خاتمي، غزه ?? محصور ماڻهن تائين انساني مدد پهچائڻ جي لاءِ لنگهه قائم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جنهن تحت 1967ع م مقرر ڪيل سرحدن سان هڪ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جو مطا??بو ڪيو.