نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (??ي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??و آهي ته حڪومت تيزي سان معاشي بحالي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي جي ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي آ??دني کي وڌائيندي ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻيندي، ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آ??ي جنهن تحت زراعت، کا??ين جي کوٽائي، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آ??ي جن ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ويندا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آ??ي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا سان ڪنيڪ??يو??ٽي منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.