ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نوجوانن کي سهولتون فراهم ??رڻ حڪومت جي ذ??يواري آهي، ليپ ٽاپ اسڪيم تمام اهم آهي، ليپ ٽاپ ۽ لون حاصل ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو عورتون آهن. وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ وزيراعظم يوٿ بزنس لونز تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هوشيار شاگردياڻين ۽ باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ پاڻ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، ليپ ٽاپ ۽ لون حاصل ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو عورتون آهن، ??ورتن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، ??ين اي ڊي يونيورسٽي ۾ 25 ارب رپين جي سيڙپڪاري سان ٽيڪنالاجي پارڪ ٺاهيو ويندو.