اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته پنهنجي ملڪ جي تقدير جص ضامن نوجوانن ۽ شاگردن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڪا ٻي خوشي ناهي. پنهنجي هڪ ??وئيٽ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم ليپ ٽا?? اسڪيم جي ملڪ گير آغاز اهو سفر ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو جيڪو پنجاب ۾ ميان نواز ش??يف جي قيادت ۾ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت شروع ڪيو هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اهو هڪ دلچسپ سفر آهي ته ڪهڙي طرح انهن ليپ ٽا??س شاگردن کي انهن جي پڙهائي، ڪاروباري بڻائڻ ۽ گذريل ڏهاڪي دوران فائدي مند ڪيريئر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. ليپ ٽا?? اسڪيم واقعي گيم چينجر ثابت ٿي آهي جنهن جي سبب ڪاميابي جون شاندار ڪهاڻيون سامهون آيون. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته موجوده اسڪيم تحت پاڪستان جي شاگردن ۾ مرحليوار هڪ ??ک ليپ ٽا?? ورهايا ويندا. ماضي وانگر، شفافيت ۽ ميرٽ وصول ڪندڙن جي چونڊ ۾ رهنما اصول هوندا.