اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايران جي نائب پرڏيهي وزير علي باغيري ڪني ٻنهي مل??ن جي قيادت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ ٻنهي طرفن جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورت??ال جو جائزو ورتو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي صورت??ال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گ??يل واپاري ڪميٽي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ ۽ گ??يل ڳڻتي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽر?? ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي. هن پنهنج?? ايراني هم منصب کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي صورت??ال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز جي لاءِ ايران جي ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان ملاقات ڪئي. هن اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پارليامينٽ ميمبر/ پاڪستان – ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين احمد امير آبادي فرحاني سان جدا ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اي سي او جي ميمبر مل??ن جي وچ ۾ علائقائي رابطن ۽ واپاري فروغ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. تهران ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ناليوار?? ايراني ٿ??ڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز ج?? ايراني دانشورن ۽ اسڪالرز سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي هنن خطي ۾ امن ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي.