اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پرڏيهي وز??رت ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جاپان کي پاڪستان مان افرادي قوت جي برآمد کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ پرڏيهي وز??رت، لاڳاپيل وز??رتن ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي افرادي قوت ??ي وڌ کان وڌ وڌائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.