اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي و??ار?? کي ڊاڪٽر ع??فيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر ع??فيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪوم?? پاران ڊاڪٽر ع??فيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر ع??فيه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪوم?? پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي و??ار?? کي ڊاڪٽر ع??فيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر ع??فيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر ع??فيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر ع??فيه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.