اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٽيڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪر??ار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽيڪس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان م??قعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف ٽي او کي سال 2022ع د??ران 7000 شڪايتون م??يون، 2021ع ۾ 2816 شڪايتون م??يون، سال 2022ع د??ران 7000 مان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽيڪس محتسب 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪر??ئي. ايف ٽي او جي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف ٽي او سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل قائم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽيڪس بابت سموريون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊيڪس پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين واپاري ادارن جي اعزازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائقائي آفيسن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سال 2022ع د??ران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب پاران پهچ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.