اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پول??و جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪندي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان ??مورن جاري شعبن ۾ نتيجاخيز حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان ??ي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم بي ايم جي ايف پاران ملڪ ۾ پول??و جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽيڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت کي بهتر بڻائڻ ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ دوران پاڪستان کي ڏني ويندڙ قابل قدر مدد کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پول??و جي خاتمي لاءِ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن سان ??ل گيٽس کي آگاهه ڪندي ان ??ي ڪوششن کي ساراهيو. هن تعاون جي سمورن جاري شعبن ۾ فائونڊيشن سان نتيجاخيز حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان ??ي خواهش کي پڻ ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ پول??و جي سمورين قسمن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع ۾ پول??و جي نئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪ??و جڏهن ته هن اهو به چيو ته سيپٽمبر 2022ع کان پوليو ڪيسز ۾ وقفو آيو آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت جي قيادت هيٺ ٻين پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ بي ايم جي ايف جي مدد سان ??ذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ، حفاظتي ٽيڪن جي ضروري خدمتن، مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي راست ۽ قومي بچت پروگرام جي ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ صحت جي سا??سن??ال جي بنيادي ڍانچي جي تباهي جي ڪري پول??و جا ڦڙا پيارڻ جي جاري ڪوششن کي بري طرح متاثر ڪيو هو جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي ايمرجنسي ريسپانس پلان کي فعال طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ٻارن تائين پهچ لاءِ مختلف ذريعن جي ڳولا به جاري رکندي. بل گيٽس پول??و جي خاتمي لاءِ پاڪستان ??ي ڪوششن کي ساراهيندي پول??و جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي فائونڊيشن پاران پاڪستان ??ي لاءِ مسلسل تعاون کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.