اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته صحافين جي گروپ انشور??س جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ا??ائيگي جي حوالي سان اهم ??رم??مون آنديون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي و??ير مري پريس ڪلب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مري پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.