اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جنهن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ ڪ??ي آهي انهن جي نجڪاري جي ??مل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي ??مل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي ??مل جي رفت??ر جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جي نجڪاري جي ??مل جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ آهي انهن جي نجڪاري جي ??مل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان ??مل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.