اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن سان ملاقات دوران صوبي جي مج??وعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن راجا سلمان رفيق، رابعه نسيم فاروقي ۽ ميان مرغوب احمد وزيراعظم شهباز شريف سان جدا جدا ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ پنجاب صوبي جي مج??وعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.