اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد جي عورت شهري جي گهر جو قبضو ڇڏرائڻ ج?? حوالي سان هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي متاثر عورت کي گهر جي ملڪيت واپس ڏيارڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ايڪٽ تحت مقامي ڪمشنر جي ذريعي متاثر عورت شهري جي قيمتي ملڪيت بحال ڪرڻ ج?? حڪم ڏنو آه??. ان حوالي سان پنهنجي فيصلي ۾ صدر هدايت ڪئي آه?? ته ملڪيت تي غيرقانوني قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته تالا ٽوڙيا وڃن. هن چيو ته ملڪيت واپس وٺڻ ج?? راهه ۾ ايندڙ ٻين رڪاوٽن کي ختم ڪري حقدار کي ملڪيت واپس ڏياري وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آه?? ته عاليه فضل (شڪايت ڪندڙ) کي ملڪيت جي حق کي بحال ڪرڻ يا ان جو قبضو ڏيڻ ج?? لاءِ هڪ مقامي ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ مقامي ڪمشنرضرورت پوڻ تي پوليس جي مدد وٺي سگهي ??و. ??قامي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي گهرجي ته هو مقامي ڪمشنر کي مڪمل مدد فراهم ڪري ۽ مقامي پوليس لاڳاپيل وقت تي ڪمشنر سان گڏ موجود رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار جي بي بنياد موقف کي رد ڪندي قرار ڏنو ته جوابدار تڪراري گهر جي ملڪيت پنهنجي حق ۾ ثابت ڪرڻ ج?? لاءِ ڪجهه به پيش نه ڪيو، اهڙي طرح محتسب جي حڪمن جي خلاف نمائندگي آڻڻ ج?? ڪو جواز نه آه??. واضح رهي ته عورت شهري عاليه فضل جي والد بحريه ٽائون اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر جا معاملا هلائڻ ج?? لاءِ کيس اٽارني مقرر ڪيو هو، گهر 2007ع کان 2016ع تائين مختلف ماڻهن کي ڪرائي تي ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ خالي پيل رهيو. شڪايت ڪندڙ جي ڀاءُ 2020ع ۾ گهر جو دورو ڪيو ته خبر پئي ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن غيرقانوني طور تي گهر تي قبضو ڪري ورتو آه??. قبضي جو اطلاع بحريه ٽائون ۽ مقامي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جوابدار کي طلب ڪيو جنهن گهر خالي ڪرڻ ج?? ضمانت ڏني. جوابدار عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته گهر 2008ع ۾ هڪ معاهدي جي بنياد تي خريد ڪيو ويو هو ۽ هڪ جعلي معاهدو پڻ پيش ??يو. شڪايت ڪندڙ گهر تي قبضو ڇڏرائڻ ج?? لاءِ هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب سان رابطو ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جوابدار صدر کي محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني جنهن کي بي بنياد هجڻ تي رد ڪيو ويو.