اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن ??و اظهار چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ڪميٽي جو وائيس چيئرمين تان گوفو ڪري رهيو ه??. م??اقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجي گذريل چين جي دوري دوران ڪمپن?? جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ڪمپن?? جي وائيس چيئرمين تان گوفو پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائ?? جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪار?? جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو کي پاڪستان ۾ قابل تجديد خاص طور تي شمسي توانائ?? جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪار?? جي دعوت ڏني. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ مختلف شيون عطيو ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اع??يٰ عملدار پڻ موجود هئا.