اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ت??قي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ت??ليم لازمي آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي ت??مير ۽ تربيت ئي ملڪي ت??قي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٿي??دڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غيررسمي ت??ليم کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. ٻارن کي هتي کلندي ڏسي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خاتون اول چيو ته اسان تعليم جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ضرورتن کي ت??ليم ڪندي انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ هتي موجود آهيون ۽ انهن ٻارن کي هتي ڏسي ان ڳالهه جو به اطمينان ٿيو ته اسا?? جا اهي ٻار ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ملڪ جي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. اسان کي پنهنجي محدود وسيلن سان انهن کي ت??ليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته ملڪ ۾ تعليم خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ ٻارڙين جي ت??ليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي ت??ليم يافته هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوڪرين جي ت??ليم کي ت??جيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ت??قي جو دارومدار انهن تي ئي آهي. اسڪولن کان ٻاهر ٻار معاشري ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليمي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي خاتون اول چيو ته هن ٻارڙين جي ت??ليم جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان بچائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خاطري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻاهر ٻارن جي ت??ليم لاءِ معاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي ت??ليم ۽ تربيت جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخصيتون ۽ تعليم پرائي??دڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.