اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڌ کان وڌ تر??يت?? ڪورسز جو اهتمام ڪن ته جيئن ڊيجيٽل ۽ س??شل ميڊيا جي استعمال تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي ميڊيا جي شعبي ۾ جديد رجحانن ۽ آءِ ٽي جي مختلف مهارتن کان روشناس ڪرائي سگهجي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ تر??يت?? ڪورسز مڪمل ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي مختلف بيجز جي 25 آفيسرن گذريل هڪ مهيني دوران صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ هڪ هفتي تي ٻڌل تر??يت?? ڪورسز جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي سرٽيفڪيٽس حاصل ڪيا. اي پي پي، پي آءِ ڊي، پيمرا، پي ٽي وي، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ ريڊيو پاڪستان مان نامزد آفيسرن تر??يت?? ڪورسز ۾ شرڪت ڪئي. اهي ڪورسز صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ 34 هين ايم سي ايم سي جي لاءِ ”ففٿ ڊومين اسپيسفڪ ٽريننگ ڪورس“ سان گڏ منعقد ڪيا ويا. هڪ مهيني جي ت??بي?? مڪمل ڪرڻ تي عرفان اشرف قاضي کي خصوصي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪامياب آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪورسز جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي تر??يت?? ڪورس ترتيب ڏنا آهن، اهي ڪورسز سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) 23 – 2022ع تحت صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جو حصو آهن. هن چيو ته وزارت جي سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ذيلي ادارن جي افيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي ته اهي مستقبل ۾ وڌيڪ انگ ۾ صلاحيت ۾ اضافي جا ڪورسز شروع ڪن ته جيئن اهي ميڊيا جي شعبي ۾ جديد رجحانن کان روشناس، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ س??شل ميڊيا سميت مختلف ميڊيا پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻيندي مختلف نوعيت جون مهارتون تيار ڪري سگهن. اطلاعات واري سيڪريٽري 49 ڪامن ٽريننگ پروگرام (49 سي ٽي پي) جي آفيسرن جيڪي آءِ ايس اي ۾ ت??بي?? حاصل ڪري رهيا آهن کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي پريس ريليز جي تياري ۽ ميڊيا جي مهارتن کانسواءِ ڊيجيٽل ۽ س??شل ميڊيا جي استعمال تي ڌيان ڏين جيڪو ميڊيا تي تشهير جي شعبي ۾ سڀ کان اهم رخ آهي. هن اعلان ڪيو ??ه 39 هين خصوصي تر??يت?? پروگرام (ايس ٽي پي) مان ماضي جي مقابلي ۾ ت??بي?? هيٺ آفيسر ڊگهي مدي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف کاتن سان ڳنڍيا ويندا، ان سان انهن کي انهن کا??ن جي ڪم کي بهتر طريقي سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊائريڪٽر ٽريننگ تر??يت?? ڪورسز سان گڏوگڏ ت??بي?? هيـٺ افيسرن جي اندرون ملڪ مطالعاتي دورن جو پڻ جائزو ورتو.