نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري ر??ڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم شهباز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وز??را??ظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وز??را??ظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.