سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزي??اع??م جي آجيان ڪئي. وزي??اع??م کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ ن??صانن ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن با??ت بريفنگ ڏني. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزي??اع??م کي متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن با??ت پڻ آگاهه ڪيو ويو.