ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن پيپلزپارٽي بلوچستان جي صوبائي صدر مير چنگيز خان جمالي، جنرل سيڪريٽري روزي خان ڪاڪڙ، اطلاعات واري صوبائ?? سيڪريٽري سردار سربلند خان جوگزئي چيو آهي ته والاريل ??شمير ۾ ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنه??جي پيغام ۾ پيپلزپارٽي بلوچستان جي اڳواڻن چيو ته والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج قابض آهي، والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون، انٽرنيٽ تي بندش ۽ ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. پاڪست??ن پيپلزپارٽي بلوچستان جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، دنيا ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان شهيد برهان واني سميت سڀني ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.