اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچ??ئڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا کي مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻج?? گهرجي ۽ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي جيڪا بازار گرم ڪري رکي آهي، دنيا کي ان کان آگاهه ڪر?? گهرجي، اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي پيغام کي هر ممڪن دستياب فورم تي اٿاري. هو استحصال ڏهاڙي کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف ا??يڪ??رانڪ ميڊيا اينڊ پب??يڪ??شنز جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنا سينٽر ۾ ڊيجيٽل تصويري ۽ فن پارن جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي، ايم ڊي اي پي پي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي پي پي عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽوريٽ آف ا??يڪ??رانڪ ميڊيا اينڊ پب??يڪ??شنز جو ڊائريڪٽر آصف الرحمان ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اطلاع??ت ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين تي ڪيل ظلمن کي لڪ??ئڻ ۽ ڪشميرين جي آواز کي دٻ??ئڻ جي لاءِ ميڊ??ا تي پابنديون هڻي رکيون آهن ۽ سوشل ميڊيا کي به بند ڪري رکيو آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان جي ميڊ??ا تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪشميرين تي جاري ڀارتي ڏاڍ جي حوالي سان اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اهڙو ٺوس معاون نظام جوڙيو وڃي جنهن جي ذريعي مظلوم ڪشميرين جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. هن يو ته ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڪيل ڪيس ۽ قيد جي صعوبتن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عوام کي رڳو احتجاج ئي نه ڪر?? گهرجي پر هر پليٽ فارم تي ڪشميرين جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙه?? گهرجي. تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا جي آزادي تي پابندين جي حوالي سان دستاويزي فلمون پيش ڪيون ويون جن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي تاريخي پس منظر ۽ 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن دستاويزي فلمن جي تياري تي ڊائريڪٽوريٽ آف ا??يڪ??رانڪ ميڊيا اينڊ پب??يڪ??شنز کي ساراهيو. هن ڊائريڪٽوريٽ تي زور ڏنو ته هُو انهن دستاويزي فلمن جي ذريعي ڪشمير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سمورن دستياب پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻي.