اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي براد??ي جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي براد??ي جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آ??ا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ بي م??ال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ته آ??ون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.