اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانفرنس ?? پا??ستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪان??رن?? کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفرنس ?? سڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، ب??آمدات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفرنس ?? شرڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ?? ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ?? ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن هڪ اهڙو پا??ستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پا??ستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهڙو پا??ستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ملي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.