اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽريفڪ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس ڪانسٽيبل سهيل احمد خان جي وارثن سان ٽيلي??ون تي رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ زخمي پوليس ڪانسٽيبل رئي?? خان جي به عيادت ڪ??ي. صدر ان موقعي تي رئي?? خان جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. ٻئي اهلڪارن ايوان صدر ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئ?? ۽ کين موڪل تي گهر ويندي حادثو پيش آيو هو.