اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ??ورتن کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنهن جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چ??و ته ??ورتن کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم ن??ڪر??ن ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ??يئن هو پنهنجي پيشي سان وابسته ??هن. هن چ???? ته نوجوانن جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪيمن جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئيٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پيشيوراڻي شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. هن گريجوئيٽس تي زور ڏن?? ته هو پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ڪن، انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا ب?? اهميت نه آهي. هن چ??و ته ??نيا پناهگيرن لاءِ دروازا ب??د ڪري انساني قدر نظرانداز ڪري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪيو. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.