اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر ناڪام آهي، اها پهرين به ناڪام ٿي هاڻي به ناڪام ٿيندي، ان جي ??يجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود ??پڙاسي جهڙن ڪردارن کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سان انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ انهن جي ڪا به جدو??هد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي ??ليڪ ??يلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان بليڪ ??يل ٿيا آهيون ۽ نه هاڻي انهن کان بليڪ ??يل ٿينداسين لکي وٺو. انهن کي ناڪام ٿيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ??ڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ??ن مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪنداسين. اهي اڳ ۾ به عمران خان سان گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدشن کي ختم ڪنداسين. وقت ايندو ته مخالف ڌر جي ??مايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.