اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پر??س ڪلب جي ڪائونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪر??ئم رپورٽر حسنين شاهه جي قت?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ بيٺل آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافي حسنين شاهه جو خون رائيگان نه ويندو، قتل ۾ م??وث ڏوهارين کي ڪيفر ڪر??ار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.