اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين ??کي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي ??با??ڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ??ي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چيو ته سڀني صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ??يڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر رضو??ن قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين ??حمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ??با??ڪباد ڏني.