اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مار?? ۽ ??حتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي پر مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي جڳهه ٻيهر ٺهي، مولانا حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آهي، 23 مارچ به اچي ويندو، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخو?? ۽ ??ڪمت عملي بدلائي چڪو آهي. مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخو?? ۽ ??ڪمت عملي بدلائي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي نه هوندي. هن چيو ته مار?? ۽ ??هتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، وزيراعظم عمران خان جو به چوڻ آهي ته ??پوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو حصو نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان گڏ نظر اچن ٿا ڇو ته ??هي سسٽم جو حصو نه آهن. هن چيو ته ??يڪي ماڻهو سسٽم ۾ آهن اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، ??ڄ جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي اندر موجود پارٽي?? ۽ ??خصيتن جو موقف پارليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مولانا فضل الرحمان جون ڳالهيون ٽائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي ايم پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، ان کانپوءِ ايندڙ سال اسان پنهنجي آخري بجيٽ پيش ڪنداسي?? ۽ ??ن کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. چوڌري فوا?? حسين چيو ته ??ي وقت جو راڳ مولانا فضل الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مولانا فضل الرحمان حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ميد آهي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون مولانا فضل الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي جي حوالي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مولانا فضل الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏيندي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوڌري فوا?? حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي قوم جي لاءِ اهم ڏينهن آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي، 23 مارچ جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.