اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايران اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ??ار??خي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي ??ابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري دوران ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم علائقائي ??ابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علائقائي ??ابطا ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي صدرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ايران جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ايراني صدر کي تازو ئي ??ليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئل?? تي ايران جي اصولي موقف تي ايراني صدر جا ٿورا مڃيا. صدر ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني.