اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي واپاري، اقتصادي ۽ سياسي ??اڳ??پن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ايوان ??در ۾ ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل بحرين جي پارلياماني وفد جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. وفد جي قيادت بحرين جي نمائندن بابت ڪائونسل جي اسپيڪر فوزيه بنت عبدالله زينل ڪري رهي هئي. ??در بحرين جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين ??اڳ??پا آهن جيڪي مذهب ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن تي ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۾ بحرين کي زراعت، غذائي شين، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ جراحي اوزارن جي برآمدات جا وسيع امڪان آهن ۽ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي ڇو ته هتي واپار ۽ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا م??قع?? آهن ۽ بحرين جي واپاري برادري کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ??در عارف علوي اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??نه?? ڀائر ملڪن پاران گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن تي پڻ روشني وڌي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ??در ڊاڪٽر عارف علوي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد شهزاده عظميٰ شاهه سلمان بن حمد الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز قائم ڪرڻ تي بحرين حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي فوزيه بنت عبدالله زينل چيو ته ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ بهتر ??اڳ??پا آهن ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن ??نه?? ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن بحرين جي بادشاهه ۽ وزيراعظم پاران ??در عارف علوي کي مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو. ملاقات ۾ بطرفن ??اڳ??پن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ??نه?? ملڪن جي پارليامينٽن جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.