اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي مارڪيٽ ڪم??ٽي?? کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ گڊ گورننس بابت اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي تازي رجحان جي ڪري پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جا اثر پئجي رهيا آهن، اسان گڊ گورننس ۽ بهتر پرائس ڪنٽرول مڪين??م جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، ان مقصد جي لاءِ سپلائي چين تي ??نا??ب ڪنٽرول، قيمتن جو موثر نفاذ ۽ ذخيره اندوزي تي سخت چيڪ کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪ??ي ته اهي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مارڪيٽ ڪم??ٽي?? کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ جي گڊ گورننس ٽيم پاران راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي جاري ڪيل اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي قيمتن جي نگراني جي مضبوط مڪين??م جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ غيرموثر مارڪيٽ ڪم??ٽي?? بابت حاصل ڪيل منع نامن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.