اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غريب طبقي جي ??اءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام کي جلد شروع ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ??دا??ت ڪئي ته غريب طبقي جي ??اءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پروگرام جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪارد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي ??ڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان کا?? اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر وزيراعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ??اڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخواهه جي ??اڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ??يف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کا?? بچائڻ جي ??اءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پروگرام جي ??اءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پروگرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان خريداري تي رعايت ملندي.