اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي پاڻي جون ??رورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ??يز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻي جي فراهمي جو اهو منصوبو تيز رفتار بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آهنگي سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تائين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ته ڊزائين ريويو آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪي?? ويندو، هن چيو ته منصوبي تي في??رو??ي 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.