اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صدر اشرف غني سان ٽيليفون تي رابطو ڪري افغان امن عمل ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقع?? تي وزيراعظم افغان امن عمل جي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت کي ورجايو ۽ چيو ته انهن ڪوششن سان آمريڪا طالبان امن معاهدو ۽ بين الافغان ڳالهيون شروع ٿيڻ جي صورت ۾ مثبت نت??جا نڪتا آهن.