اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحوليات جي بهتري ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي، عالمي گرمي کان بچاءُ ۽ پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو هدف پو??و ڪرڻ ۽ قومي پارڪس ۾ اضافي جي ضرورت آهي، چين ماحولياتي تبديلي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، هن هڪ گرين سٽي ٺاهيو آهي، ا??ان ان جي مهارت مان تجربو ح??صل ڪري سگهون ٿا، وڻ لڳائڻ جي حوالي سان آگاهي خوش آئنده آهي. هو ملڪ ۾ گرين فنانس ۾ جدت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.