اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪورونا وائرس سبب 65 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پا??ان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان سڄي ??لڪ ۾ 2 هزار 724 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئ?? وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 44 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئ?? وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 38 سيڪڙو، صوابي ۾ 44 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪوويڊ – 19 جا 59 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 132، پنجاب ۾ 25 هزار 245، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 859، ??سلام آباد ۾ 4 هزار 961، بلوچستان ۾ هڪ هزار 410، گلگت بلتستان ۾ 459، ??زاد ڪشمير ۾ 1010 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 27 هزار 843 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 517 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 60 هزار 268 آهي. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 8 هزار 576 آهي.