اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل ??يرا آهي جنهن ۾ مزدورن جي ??قن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿو. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن جي ??قن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي تر??ي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت جي ??قن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيا?? ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهت?? ڪري سگهجي ٿو.