اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ??ن جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اس??يڪ?? اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪست??ن جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪست??ن جي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اس??يڪ?? ايو??ن ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ ??و عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ ??و عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ??ن جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اس??يڪ?? اعتماد جي ووٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايو??ن ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اس??يڪ?? سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اس??يڪ?? پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد ايو??ن ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايو??ن ۾ موجود رهيو. اس??يڪ?? چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ ??و عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايو??ن ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اس??يڪ?? قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ ??و اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد جي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اس??يڪ?? چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ووٽ حاصل ڪيا.