اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي ??ي ??وا??ي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ترقي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊي?? بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڊي?? بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ??وا??ي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊي?? بورڊ جي مدد سان فيصلا سازي لاءِ گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊي?? بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي واري جنس?? جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي ??ي نگراني به ڪئي ويندي.