اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو. هائوسنگ واري وزارت پاران وزيراعظ?? کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل ??ي منصوبن جي نتيجي ۾ تعمير ٿيندڙ هائوسنگ يونٽس ۽ انهن منصوبن ??ي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪيو و??و آهي ان جي نتيجي ۾ 38667 يونٽس تعمير ٿيندا. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب روپيا آهي، انهي طرح پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ۾ 5372 يونٽس تعمير ٿيندا جن??ن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپيا آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن ??ي ماليت 213.4 ارب روپيا آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن ??ي ماليت جو ڪاٿو 112.03 ارب روپيا آهي.