اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون ??ارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ ب??عن??ان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي ب??عن??اني جا سنجيده ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪر?? ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. ن??ي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ??لڪ جي لاءِ آهن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪر??و آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون ??اس ٿي ويندو.