اسلام آ??اد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي صد?? رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪ??تا??ي ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪ??اد ڏ??ي ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪ??تا?? ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.