اس??ام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، نيوٽريشن، موسمياتي تبديلي ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبي ۾ چئلينجز درپيش آهن، محدود وسيلن ۾ رهندي عوام جي ڀلائي حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، مواصلاتي رابطن ۽ مع??وم??ت جي مٽاسٽا ۾ اضافي س??ن صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششون گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايو??ن صدر ۾ برطانيا مان آيل سائنسدانن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.